کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
چونڊ مضمون
سريماوو بندرانائڪي
سريماوو بندرانائڪي (انگريزي ٻولي: Sirimavo Bandaranaike) (پيدائشن اپريل 17، 1916، رتناپورا، سيلون [هاڻي سري لنڪا]ـ 10 آڪٽوبر 2000، ڪولمببو، سري لنڪا)،سندس پورو نالو ڪماري شيريمائو رتواتي دياس بندرانائڪي آهي، ۽ کيس سيريماوا آر.ڊي.بندرانائيڪي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. 1960 ۾ دنيا جي سڀ کان پهرين عورت وزيراعظم بڻي هئي، جڏهن هو 1960 ۾ سري لنڪا جي وزيراعظم (ان دور ۾ سيلون جي حڪمران) بڻجي وئي هئي. هو سري لنڪا جي سياستدان هئي. هوءَ دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم طور سڃاتي وڃي ٿي. هن ٽن دورن: 1960کان1965 ، 1970کان1977 ۽ 1994کان2000 تائين خدمتون ڏنيون.
خبرن ۾
يحيٰ سنور
ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟
ھيرا ديوي
... تہ حر ڪئمپ جوهي جيڪو اٽڪل ويهارو کن ايڪڙن تي پکڙيل آهي ھتي حرن کي ڪٽنبن سميت قيد ڪيو ويندو ھو، ان لاءِ ھن کي حرن جو لوڙهو بہ چيو ويندو آهي.
... تہ هيرا (تصوير) قديم يوناني مذهب ۽ ڏندڪٿائن ۾ پرڻي ، زال ، ٻارڄمڻ، ۽ ڪُٽنب جي ديوي ھئي.
... تہ ذمي ھڪ تاريخي لفظ آهي جيڪو اسلامي رياست ۾ انھن غيرمسلم ماڻھن لاء استعمال ٿيندو ھو جن جي حفاظت جي ذميداري رياست جي مٿان ھوندي ھئي.
... تہ پاڪستان جي آئين جي شق 6 مطابق ڪو بہ شخص آئين کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪري يا ان جي ڪوشش ڪري تہ وڏي بغاوت جو ڏوهاري ٿيندو.
... تہ خانبهادر جو لقب برطانوي راڄ دوران احترام خاطر ھندوستان جي مسلمانن کي ڏنو ويندو ھو، جڏھن تہ ھندن کي راءِ بھادر جو لقب ملندو ھو.
اڄ جو قول
”ڪنڊن کان ڊڄڻ واريون آڱريون گلن جي نرميءَ کي ڪڏهن به محسوس ڪري نه ٿيون سگهن.“[ 1] _ خليل جبران
اڄ جو لفظ
3
پاڃاري
هڪ قسم جو زرعي اوزار آهي.
نار، ڍڳي گاڏي، ڇَڪڙي ۾ جانور جوٽڻ لاءِ ڪم ايندي آهي.
پاڃاري جو جمع پاڃاريون ٿيندو.
ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟
سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 18,734 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.
يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو
بھترين مضمون
شيراز شھر جي وڪيل بازار
شيراز (انگريزي: Shiraz) ايران جو پنجون وڏو شھر آھي. ھي شھر ايران جي صوبي فارس جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1565572 آھي. جيڪڏھن شھر جا مضافاتي علائقا ڳاڻاٽي ۾ آڻجن تہ پوءِ شھر جي آبادي 18 لکن کان بہ مٿي ٿي ويندي. ھي ايران جي ڏاکڻئين حصي جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي. ھي فارس جي جابلو علائقي ۾ آباد آھي ۽ ھن شھر جي سرزمين جي سامونڊي سطح کان اوچائي 1486 ميٽر آھي. ھتان جي موسم خوشگوار آھي ۽ ھي ھزار سالن کان وڌيڪ عرصي کان واپار جو ھڪ وڏو مرڪز رھيو آھي. شيراز ميونسپالٽيءَ جي ڪل پکيڙ 240 چورس ڪلوميٽر آھي جيڪا 11 سيڪٽرن ۾ ورھايل آھي.
اڄ جو ڏينھن
آچر 26 جنوري 2025 ع مطابق 25 رجب 1446ھ
وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/جنوري 26
وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!
وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته
سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي
18,734 مضمون موجود آهن.
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ،
۽
۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)
↑ "عظيم هستين جا عظيم قول (فقير محمد سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر" . books.sindhsalamat.com . حاصل ڪيل 2020-12-03 .