ظرافت
ڏيک
ظرافت (Wit) ھڪ ذھين انسان جي حاضر دماغي جو مظھر ھوندي آھي. ظرافت جي لغوي معنيٰ آھي ”دانائي“، ان ڪري ظريف اھو اھي، جو دانشمند ۽ معاملا فھم ھجي. ھڪ ظريف اديب مختلف حالتن ۾ مشابھت جا اصول تلاش ڪري ٿو جيڪي ھڪ ٻئي کان مخالف علمي ڪيفيتن ۾ اختلاف جي سببن جي ڪن ٿا. درحقيقت ظرافت مزاح کان مختلف آھي، پر اھا مزاح جي ڪشادي دائري ۾ ھڪڙو ننڍڙو دائرو اھي يا کڻي ائين چئجي تہ اھا ظرافت ئي آھي، جا ٽوڪ ۽ طنز جا جوھر نروار ڪري ٿي. سنڌي بزرگن ۾ وتايو فقير ۽ اديبن ۾ شمس الدين بلبل (1857- 1919ع) کي ظرافت جو شھنشاھ ڪري مڃيو ويندو آھي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.