ريپبلڪ آف آئرلينڊ جو صدر
صدر آئرلينڊ
| |
---|---|
صدارتي مھر | |
صدارتي معيار | |
تعظيمي لقبَ | جناب صدر يوئر ايڪسيلنسي |
رهائش | آرس نو اختران |
تجويز ڪندڙ | اريڪتاس (پارليامينٽ) جا رڪن يا لوڪل ڪائونسلون |
مقرر ڪندڙ | سڌي چونڊ |
عھدي جي مدت | ست سال |
شروعات | ڊگلس ھائيڊ |
تشڪيل | 25 جون 1938 |
پگهار | €249,014 ساليانو[1] |
ويب سائيٽ | president |
آئرلينڊ جو صدر(انگريزي: President of Ireland ) ريپبلڪ آف آئرلينڊ يا جمھوريه آئرلينڊ جي رياست جو سربراھ ۽ اتان جي فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي. ان جي آفيس جو آئيني مدو ست سال ھوندو آھي ۽ ساڳيو ماڻھو صرف ٻه دفعا ان عھدي تي چونڊجي سگھي ٿو[2] ان کي ملڪ جا ماڻھو سڌي چونڊ وسيلي ووٽ ڏئي چونڊيندا آهن. جيڪڏهن اميدوار ھڪڙو ھوندو آھي تہ اھو بنا مقابلي چونڊجي ويندو آهي. آئرلينڊ جي تاريخ ۾ ڇھ دفعا صدر بنا مقابلي چونڊجي آيا. صدر آئرلينڊ جي آئين جو ۽ ملڪ جو نگھبان سڏيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ان جا اختيار محدود آهن پر اھي مطلق صوابديدي اختيار ھوندا اٿس. ان جي سرڪاري رھائشگاھ ڊبلن ۾ فوئنڪس پارڪ ۾ واقع آهي جنھن کي آرس نو اختران (Áras an Uachtaráin) سڏيندا آهن. صدر جو عھدو آئرلينڊ جي 1937ع واري آئين ذريعي قائم ڪيو ويو ۽ پھرين صدر اھو عھدو 1938ع ۾ سنڀاليو. 2011 جي ي چونڊن م ميخائيل ڊي ھگنس ملڪ جو صدر چونڊجي آيو جيڪو 2018ع ۾ ٻيھر ٻئي مدي لاء صدر چونڊجي ويو 26 آڪٽوبر 2018 ۾ عھدو ٻيھر سنڀاليائين.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Ryan, Philip (8 April 2018). "Revealed: How much the Office of the President costs over seven years". Irish Independent (Independent News & Media). https://www.independent.ie/irish-news/revealed-how-much-the-office-of-the-president-costs-over-seven-years-36785078.html. Retrieved 9 April 2018.
- ↑ Constitution of Ireland: Article 12.3