اڱارو
اڱارو هفتي جو ٻيو ڏينهن آهي. اڱارو سومر ۽ اربع جي وچ وارو ڏينهن آهي.اڱارو = هن ڏينهن جو نالو سنسڪرت لفظ انگارڪ مان ورتو ويو آهي جنهن جون معنائون آهن.
- مريخ گرھ
- اهو جيڪو رنگ جو ڳاڙهو هجي. (Angāraka (अङ्गारक) - one who is red in colour also called)
- چارڪول charcoal يعني اهڙي شيء جيڪا بنا هوا جي موجودگي جو ساڙي وڃي.
- هندن ۾ ڪن ھنڌن تي انگارڪ نالو ڇوڪرن تي رکيو وڃي ٿو.
هن ڏينهن جو گرھ مريخ آهي.
سنسڪرت منگلوار. منگل = منگل گرھ، Mars، مريخ وار = ڏينهن. Tuesday. معنيٰ سدورو، سڀاڳو.[1]
’منگل‘ تان منگل خان، منگل مل، منگل راءِ. منگل
تاريخ
[سنواريو]هفتي جو ٽيون ڏينهن جنهن کي هندو منگلوار چون، -اڱارو- هڪ قديم سنڌي لفظ آهي. -ان- سان ملندڙ لفظ هندستان جي ٻين ٻولين جي قديم ادب مان به مليا آهن. جيئن راجسٿانيءَ ۾ ”آڱري وار“، مرهٽيءَ ۾ ”اڱاروار“ ۽ پراچين مهاراشٽر ۾ ”انگارء وار“، جيڪو -ان- ٻوليءَ جي ٻه هزار سال پراڻي ڪتاب ”ستسئي“ ۾ ڪم آيل آهي. سنسڪرت جي مشهور لغت ”امر ڪوش“ ۾ اهو ساڳيو لفظ ”انگارڪ وار“ معنيٰ ”منگلوار“ ڏنل آهي. -اڱارو- هندي لفظ منگل جي برابر آهي. منگل -آسمان- ۾ نظر ايندڙ ڳاڙهو تارو آهي، جنهن کي ’منگل ديوتا‘ جي حيثيت حاصل آهي. اهو ئي تارو قديم يونان ۽ روم جو “Mars” (ديوتا) آهي.[2]
انگريزي Tuesday
[سنواريو]انگريزي ۾ Tuesday جيڪو سيڪسنس ٻولي وران پنهنجي ديوتا Tiu يا Týr يا Tíw يا Tīwaz مان سندس نالي پٺيان سندس عبادت لاءَ ڏينهن کي Tuesday چوندا هئا.
گيلري
[سنواريو]-
انگراڪ ديوتا
-
منگلا ديوتا (انگراڪ ديوتا)
-
مريخ (اڱاري جو ديوتا گرھ)
-
ٽِيو (سيڪسن جو ديوتا)
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اڱارو
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |